Headlines
Loading...
عاشقن ٻارڻ ٻاريو وھ واھ جوڳي ناٿ جلن | ڪلام مھدي سائين

عاشقن ٻارڻ ٻاريو وھ واھ جوڳي ناٿ جلن | ڪلام مھدي سائين

عاشقن ٻارڻ ٻاريو وھ واھ جوڳي ناٿ جلن

عاشقن ٻارڻ ٻاريو وھ واھ جوڳي ناٿ جلن


ڪلام مھدي شاھ بادشاھ


اھي آڌوتي الف پڙھن، عاشقن ٻارڻ ٻاريو
وھ واھ جوڳي ناٿ جلن.

 ڄر ڄيراٽي ڄيري کايا، اُلا ڄڀيون برھ بڇايا، 
اُھي معشوقن جا ماريا، منزل مدد رسن.

اَلّ عشق نارالله لاتئون لالي- مچ محبت جو نوبت شاھي،
آڻن چاڙھن پاڻ سپاھي- ٻيا سڀ ورق وسارن.

’مھدي‘ اُنھن گھر آيو، خوديءَ کي جن پاڻ جلايو،
پرينءَ تن کي پاڻ پسايو، اُھي آڙھ منجھ اچن.


0 Comments: