Headlines
Loading...
ڀلي يار آئين تنهنجيون لک ڀلايون | اعجاز سائين جو ڪلام

ڀلي يار آئين تنهنجيون لک ڀلايون | اعجاز سائين جو ڪلام

ڀلي يار آئين تنهنجيون لک ڀلايون


ڀلي يار آئين تنهنجيون لک ڀلايون


شاعري اعجاز سائين
بناوت دي صوفي ازم
سڄڻ قرب ڪري هلي آيو هاڻ
شڪر گڏياسون سپرين ڪڍون نه ڪنهن جي ڪاڻ
پرين آيو پاڻ مٺا مون مسڪين ڏي


ڀلي يار آئين تنهنجيون لک ڀلايون
اسان پاڻ تنهنجيون ڳالهيون ويٺي ڳايون

پرين تنهنجي پل پل پچارن ۾ هئاسين
اڪ جي اڪيرن اوتارن ۾ هئاسين
اڃان هئو ڪا مس ٿي مٿان تون به آئين

تولاءِ هن ڪکن ۽ اکين ۾ به جايون
تولاءِ تن ۽ من جي صحن ۾ به جايون
تولاءِ هنڌ هيئن ۾ سيجون سو وڇايون

بيحد بندگين سان غلامي ڀريون ٿا
اسان تنهنجي ٻيلهپ عبادت ٿا ڀايون

اسان کي تو چاهيو اسان توکي چاهيو
اسان سان اعجاز چئي ريجهي رس ڪولايو
فهم في اذڪروني ٿيون سڀ سڻايون








0 Comments: